ڌوڙ دل تي درد جي

ڌوڙ دل تي درد جي

ڌوڙ دل تي درد جي

ڌوڙ دل تي درد جي (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ناليواري شاعر استاد بخاري جي نظمن ۽ ڪهاڻين تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ نوجوان شاعر علي دوست ’عاجز‘، ”ننگي پير نڪتيون، اسان جون ڪهاڻيون“ عنوان سان لکيو آهي، جنهن ۾ لکي ٿو ته: ”هن (استاد) تاريخ توڙي زندگيءَ جي ننڍن وڏن واقعن کي احساساتي رنگ ۾ رکي پيش ڪيو آهي. نظم ۾ نوان گھاڙيٽا ڏنا آهن ۽ نظمن جا نوان ڪردار موضوع بڻايا آهن. هڪ قبيلائي جوڙي جاني ۽ لاليءَ بابت هڪ طويل نظم به هن ڪتاب ۾ شامل آهي.“ هيءُ ڪتاب 2007ع ۾ روشني پبليڪيشن ڇپائي پڌرو ڪيو. پڪي جلد سان ڊيمي سائيز جي 143 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 120 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو